اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي ق??مي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ق??مي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي م??افع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير ??لام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وزير ??ٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪريٽري شوڪت علي، سي اي او ايئر ??ار??ل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي پر ان جي م??افع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، ايئر ??ار??ل (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پوندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو.