اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پاران مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوالي سان گستاخانا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پ??چندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخانا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فورم کي استعمال ڪندي ??سلمانن جي جذبن جي ترجماني ڀرپور انداز سان ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پ??يٽ فارم کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.