ڪي پي ڪي جي عوام لاءِ باقاعده نئين چينل پي ٽي وي نيشنل پشاور جي نشريات شروع ڪئي وئي آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد -15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي هدايتن تي خيبر پختونخوا جي عوام کي 24 ڪلاڪن تفريح، تازين حالتن ۽ خبرن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ باقاعده نئين چينل پي ٽي وي نيشنل پشاور جي نشريات شروع ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي نيشنل پشاور تي خيبر پختونخوا جي عوام لاءِ 24 ڪلاڪ پشتو زبان ۾ ڊرامه، موسيقي ۽ ٻين پروگرامن سميت خبرون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملنديون. هن چيو ته پي ٽي وي نيشنل پشاور جي نشريات يوٽيوب تي به 24 ڪلاڪ ڏسي سگهبي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں