جوهري ۽ ميزائل پروگرامن تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ سان گڏ ئي سمورا تفصيل ويب سائيٽ تي وڌا ويندا: سينيٽر اسحاق ڊار

image

اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي جوهري ۽ ميزائل پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، اسان پاڪستان جي عوام جا نمائندا ۽ قومي مفادن جا محافظ آهيون، ڪنهن کي اهو اختيار ناهي ته هو پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي ڊڪٽيشن ڏي، آءِ ايم ايف سان معاهدي ٿيڻ سان گڏ ئي سمورا تفصيل ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي وڌا ويندا. سينيٽ جي 50 سالا تقريبن جي ٻئي ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار غير ملڪي سفارتڪارن جي آجيان ڪندي چيو ته سينيٽ آف پاڪستان جي برابري، اجتماعيت، صوبائي خودمختياري ۽ جامع پارلياماني جمهوريت لاءِ هڪ شاندار تاريخ آهي، سينيٽ ۾ ڪميٽين جو جامع نظام آهي، اسان جمهوري اصولن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ڪو به قانون هتي ٻنهي ايوانن مان منظور ٿيندو آهي جنهن ۾ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي، سينيٽ ۾ مالياتي بل تي تجويزون ڏنيون وينديون آهن، مون ناڻي واري وزير طور انهن سفارشن کي وڌ کان وڌ بجيٽ جو حصو بڻايو آهي، هن چيو ته اسان دنيا جي جمهوريتن مان سکندا آهيون، سفارتڪارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، اسان مان هر هڪ جون آئيني ۽ پارلياماني ذميواريون آهن، مون کي يقين آهي ته اسان سڀن گڏجي هن ڌرتيءَ تي جمهوريت ۽ انساني قدرن کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، شفاف مالياتي ڊسيپلين کانسواءِ ڪا به جمهوريت يا جمهوري نظام ڪامياب نٿو ٿي سگهي، رضا رباني طرفان اٿاريل ڪجهه نڪتن جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته مون ناڻي واري وزير طور پهريون ڀيرو جنوري 1999ع تي آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جا سمورا تفصيل ويب سائيٽ تي جاري اپ لوڊ ڪيا، 1998ع ۾ جڏهن آئون ناڻي وارو وزير بڻيس تڏهن آءِ ايم ايف پروگرام معطل هو، مون قوم سان هي واعدو ڪيو هو ته سمورا تفصيل ويب سائيٽ تي وڌا ويندا ۽ عوام کي ان تائين پهچ هوندي، شفاف ليول معاهدي ۽ ايم اي ايف کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ان جي حتمي منظوري کانپو سمورا تفصيل ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا ويندا.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں