تحريڪ انتشار اڄ پاڻ انتشار جو شڪار آهي، عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ ڇڪتاڻ مڪافات عمل آهي: عطاالله تارڙ

image

لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته نفرت ۽ وراثت جي سياست ڪندڙن جي پنهنجي پارٽي اڄ ڏڦيڙ ۽ ورهاست جو شڪار آهي، تحريڪ انصاف ۾ ڪيتريون ئي ڊس انفارميشن سيل ۽ گروپس هلي رهيا آهن، عليمه خان گروپ ۽ بشريٰ بي بي گروپ وچ ۾ ڇڪتاڻ مڪافات عمل آهي، ڏڦيڙ جي سياست جو بنياد پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين رکيو هو. هن ملڪ سلامتي کي نقصان پهچائڻ کان ڪنهن به پاسو نه ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ان جي پنهنجي پارٽي ڏڦيڙ ۽ ورهاست جو شڪار آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ملڪ ۽ قومي ادارن خلاف پروپئگنڊه ڪري رهي آهي، نه صرف ملڪ جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر هنن پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ کان به نه ڪيٻايو. وفاقي وزير چيو ته ڏڦيڙ جي سياست جو بنياد پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين رکيو. ڏڦيڙ ۽ نفرت جي سياست معاشري کي ورهائڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو انجام ڪڏهن به سٺو ناهي هوندو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ان جي پارٽي ڏڦيڙ ۽ ورهاست جو شڪار آهي. پي ٽي آءِ اندر مختلف گروپس بڻجي ويا آهن، جيڪي روزاني هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن، انهن گروپن پارٽي اندر ورهاست ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي آهي، هن چيو ته اڄ عليمه خان جي رئوف حسن سان ڳالهه ٻولهه سامهون آئي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته بشريٰ بي بي پنهنجي ڌار ڊس انفارميشن سيل هلائي رهي هئي. هن چيو ته عليمه خان گروپ ۽ بشريٰ بي بي گروپ وچ ۾ ڇڪتاڻ مڪافات عمل آهي، انهن ماڻهن ملڪ ۽ معاشري کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ انهن جي پنهنجي پارٽي ڀڃ ڊاهه ۽ ورهاست جو شڪار آهي، هن چيو ته عليمه خان رئوف حسن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي جيل عملدارن سان ڳالهين م غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عليمه خان اهو به چيو ته بشريٰ بي بي ٻاهر اچي ڇو رُني؟ وفاقي وزير چيو ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بشريٰ بي بي همدردي جو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ ان جي ڪوڙي بيانئي کي عليمه خان ڪوڙو قرار ڏنو. هن چيو ته انهن گروپن ۾ پارٽي تي قبضي جي جنگ جاري آهي، هڪ پاسي عليمه خان رئوف حسن کي چئي رهي آهي، ته بشريٰ بي بي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته ان بيانئي ذريعي هوءَ پارٽي تي قبضو ڪري وٺي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪيترائي ڊس انفارميشن سيل هلي رهيا آهن. هڪ سيل رئوف حسن، عليمه خان سان گڏجي هلائي رهيو هو، ٻيو سيل بشريٰ بي بي هلائي رهي هئي. هن چيو ته عليمه خان جي ڳالهه ٻولهه سان کاڌي ۾ هارپيڪ جا ڦڙا وجهڻ جي ڳالهه به کُلي سامهون اچي وئي آهي. هن کي عليمه خان ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي، ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي. هي بلڪل فضول ڳالهه آهي جيڪا بشريٰ بي بي ڪئي، نه زهر واري ڳالهه سچ آهي ۽ نه ئي اهڙا ڪا ڳالهه پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ جيلر وچ ۾ ٿي آهي. عليمه خان چيو ته بشريٰ بي بي جي بيانئي ۾ ڪا به صداقت ناهي. وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته هارپيڪ جا ڦڙا کاڌي ۾ ملايا پيا وڃن حالانڪه ان جو کاڌو گهر ۾ ايندو هو، ان کي جيل ۾ سموريون سهولتون ميسر آهن. هن چيو ته هي ٻئي گروپس پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، هي پارٽي تي پنهنجي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان ڪوشش ۾ ٻنهي گروپن جي ويڙهه شدت اختيار ڪري وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ معاشري ۾ ڏڦيڙ ۽ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ ان جي پنهنجي پارٽي ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي شڪار آهي. هن چيو ت عليمه خان گروپ پاڪستان ۾ جڏهن ته بشريٰ بي بي گروپ جا ڪيترائي ماڻهو پرڏيهه ۾ ويٺا آهن جيڪي اتان ڊس انفارميشن پکيڙين ٿا. هن چيو ته پارٽي تي قبضي جي جنگ ۾ هن ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن، هن ملڪي ادارن خلاف مهم هلائي، آءِ ايم ايف جي ڊيل خراب ڪئي ۽ قومي سلامتي جي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وزيراعظم ۽ سپه سالار خلاف ڪوڙ تي ٻڌل مهم هلائي. ان جا ڊس انفارميشن سيل صرف سياسي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هي سياست لاءِ نه پر پارٽي ۾ ورهاست ۽ قبضي ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو هو. هن چيو ته انهن ٻنهي عورتن جي جنگ گهڻو وقت اڳ شروع ٿي چڪي هئي، بشريٰ بي بي ماڻهن جي ذهن سازي ڪرڻ شروع ڪئي ته هوءَ پارٽي تي پنهنجو قبضو قائم رکڻ چاهيندي هئي، هاڻي عليمه خان بشريٰ بي بي کي ايڪسپوز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ انهن ٻنهي ڊس انفارميشن سيل وچ ۾ هڪ جنگ جاري آهي. ملڪي سياست کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪير پهچائي ٿو.هن چيو ته رئوف حسن جا عليمه خان سان ويجها رابطا آهن، انهن جو ڌار ڊس انفارميشن سيل هلي رهيو آهي. هن چيو ته پاڻ ۾ ويڙهه ۾ پي ٽي آءِ اڄ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. حماد اظهر به ان لاءِ استعيفيٰ ڏني. هن پنجاب ۾ پارٽيءَ کي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته تحريڪ ڏڦيڙ ۾ اقتدار جي جنگ جاري آهي، سياسي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، تحريڪ ڏڦيڙ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجندي نظر اچي رهي آهي. پارٽي جا ڊس انفارميشن سيلز پاڻ ۾ مقابلو ڪري رهيا آهن، هي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ملڪي مفادن کي قربان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهياآهن.

مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں