وزيراعظم پاران اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

image

اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ مارجي ويل ٻارن جي خاندانن سان تعزيت، زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن تي اهڙي قسم جو حملو انتهائي ظالماڻو ۽ سفاڪ عمل آهي.

مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں