پاڪستان جي ترقي ملڪ دشمنن کي هضم نه ٿي رهي آهي، هڪ نام نهاد ليڊر پاڪستان کي هر جڳهه رسوا ۽ اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، هاڻ پاڪستان جي عزت ٿي رهي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪيا پيا وڃن: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ملڪ دشمنن کي هضم نه ٿي رهي آهي، هڪ نام نهاد ليڊر پاڪستان کي هر جڳهه رسوا ۽ اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، هاڻ پاڪستان جي عزت ٿي رهي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪيا پيا وڃن، انشاءَ الله دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تاريخي دوري جا ثمر جلد عوام تائين پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ان تاريخي دوري ۾ اهي موضوع پڻ بحث هيٺ آيا جيڪي اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيا هئا. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هر دور ۾ لازوال ۽ مثالي رهي آهي، ان دوري سان پاڪ چين دوستي ۾ هڪ نئين سگهه ۽ نئين دور جي شروعات ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان 182 ووٽ حاصل ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل وڏي اڪثريت سان ميمبر چونڊيو جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان ڪاميابي تي چين جي صدر ۽ چيني وزيراعظم پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چيني صدر سان سوا ٽي ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، چيني قيادت سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه اسان جي لائيف لائين آهي، پاڪستان جي اندر معاشي ترقي، معاشي استحڪام، انڊسٽرلائيزيشن، مهانگائي ۾ گهٽتائي، واپار جي فروغ جي حوالي سان ان جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن چيو ته چين جي دوري دوران مين لائين ون جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، مين لائين ون تي ڪم جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم شهبازشريف چيني قيادت سان هر اعليٰ سطحي ميٽنگ ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ذڪر ڪيو، چيني قيادت پڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سٺي رخ ۾ ورتو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان چين ۾ 32 بي ٽو بي معاهدن تي صحيحون ٿيون، پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون چيني ڪمپنين سان ملاقاتون ٿيون ۽ حصيداري جي ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحون ٿيون، ان کانسواءِ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس ۾ 500 ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان معاملا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي ڪڏهن 4 ارب ڊالر هوندا هئا، هاڻي 14 ارب ڊالر جي سطح تي پهچي ويا آهن، اهڙي طرح رپئي جي قدر پڻ مستحڪم آهي. هن چيو ته سمورا اقتصادي انگ اکر مثبت آهن، پيٽرول جي قيمت ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. مهانگائي گذريل مهيني 17 سيڪڙو هئي هاڻي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سنجيده حڪومت آهي، ان جي ڪوششن جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته شين زن ۾ٽن معاهدن تي صحيحون ٿيون جن ۾ چين جي ٽيڪ ڪمپني پاڪستان جي 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪندي، ڪلائوڊ سروسز فراهم ڪئي ويندي، سمارٽ سٽيز قائم ڪرڻ جي حوالي سان معاملن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته نوجوانن جي تربيت سان آءِ ٽي روانگي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ٽيڪ اسٽارٽ اپس جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته ٽيڪ ڪمپنين جو اڳتي اچڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ تمام حوصلي جوڳو آهي. هن چيو ته اسان جون ٽيڪ ڪمپنيون ٻاهرئين ملڪ جي ٽيڪ ڪمپنين سان مقابلو ڪري رهيون آهن، اسان کي اهڙي طرح جي ماحول جي حوصلا افزائي ڪرڻي آهي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي اسان جي رت ۾ شامل آهي، چين سدائين پاڪستان جو ۽ پاڪستان سدائين چين جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جو فائدو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو. هن چيو ته امن ۽ ترقي پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرئين دشمنن کي هضم نه ٿي رهي آهي، پاڪ چين دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ امن قائم نه ٿئي. هن چيو ته دشمنن جا ڪڌا ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ به اسان قصور ۾ هڪ شهيد جي قبر تان ٿي آيا آهيون، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾فوج، عسڪري ادارا ۽ پوليس جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، انشاءَالله دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙ قوتن جي ڪوشش هوندي آهي ته پاڪستان جا پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا نه وڌن، اهي ڪا نه ڪا رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چيو ته سياسي پارٽيون، سياسي ليڊر ۽ سياست اهي سڀ شيون بعد ۾ آهن، پاڪستان سڀ کان پهرين آهي. هن چيو ته هڪ نام نهاد ليڊر پاڪستان کي هر حوالي سان عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو هو، اڄ پاڪستان جي عزت ٺهي رهي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪيا پيا وڃن، اسان انشآءَ الله دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته2018ع کان 2022ع تائين پاڪستان جي اندر هڪ حڪومت هئي جنهن عالمي سطح تي دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، 190 ملين پائونڊ جو اسڪينڊل ٿيو، اهي ڪاش اڄ ان شهيد جي قبر تي بيهي ان شهيد جي فيملي جو ڏک محسوس ڪن ها ته پوءِ 1971ع ۽ شيخ مجيب جي ڳالهه ڪن ها، انهن جي پنهنجي سياسي قرباني ڪهڙي آهي، پيپلزپارٽي کان پڇو جن لاش کنيا آهن، اسان کان پڇو جن جو وزيراعظم پنهنجي گهرواريءَ کي مرڻ جي بستري تي ڇڏي آيو پر ڪڏهن پاڪستان جي سالميت تي ڌٻو اچڻ نه ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سان گڏ آرمي چيف جو چين وڃڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان سيڪيورٽي جي معاملن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي، وزيراعظم چين جي دوري دوران پاڻ ئي بشام جي واقعي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم چيو ته منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي سيڪيورٽي کان وڌيڪ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي ۽ ان ڳالهه کي بار بار ورجايو، حڪومت جو ان تي پورو ڌيان آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چين سان ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحون ٿيون آهن ۽ معاملا اڳتي وڌيا آهن، ان حوالي سان حتمي انگ اکر جلد اچي ويندا، حڪومت جا اڃا سئو ڏينهن پورا ناهن ٿيا پر سالن جو ڪم مهينن ۾ ٿي رهيو آهي، هي هڪ تاريخي موڙ آهي، اسان ترقي جون نيون منزلون طئي ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ وقت هو جڏهن ملڪ ۾ ايل سيز کلڻ بند ٿي ويون هيون، غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا موجود نه هئا، هاڻي ٻن مهنن جو فارن ايڪسچينج ريزرو موجود آهي، ڊالر 278 رپين تي اچي بيهي رهيو آهي، ڊالر جي ذخيره اندوز مافيا جي خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيو، اڄ مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اميد ڪريون ٿا ته پيٽرول جي قيمت اڳتي به وڌيڪ گهٽ ٿيندي، عوام تائين فائدو مثالي طور تي پهچندو، ماڻهن کي چوندس ته اهي معيشت جي حوالي سان افواهن تي ڪَن نه ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته چين سان 2 لک ماڻهن جي آءِ ٽي ٽريننگ جو معاهدو ننڍي ڳالهه نه آهي، اهو ڪروڙين رپين ۾ وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي استحڪام معاشي استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، 190 ملين پائونڊ جو ڪيس ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪرپشن اسڪينڊل آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ ڪابينا جي اجلاس جي اندر 190 ملين پائونڊ جي بند لفافي تي خاموشي ڇو اختيار ڪئي وئي؟ 5 قيراط جي مُنڊي ڪنهن ۽ ڇو گهري هئي؟ القادر ٽرسٽ جي زمين ڪٿان آئي هئي؟ فرح گوگي کي بني گالا ۾ ڪيترائي سئو ڪينال زمين ڇو ملي؟ خيبرپختونخواهه ۾ هائوسنگ سوسائٽي کانسواءِ زمين جي اين او سي ڏيڻ جو قانون ڇو ٺاهيو ويو هو؟ هن چيو ته سياسي فائدي جي لاءِ حقيقتن کان هٽي ڪري سائفر لهرائي آفيشل ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪئي وئي، سائفر جي پوري دنيا گواهه آهي، ان جي آڊيو موجود آهي جنهن ۾ چِئي رهيا آهن ته اسان کي سائفر سان کيڏڻو آهي، اهي سنگين ڪرپشن ڪيسز آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت جي هتڪ عزت قانون تي صحافتي تنظيمن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي ۽ جاري رهڻ گهرجي، هتڪ عزت قانون سڀني جي لاءِ آهي، هتان وڏا وڏا چينلز ٻاهرئين ملڪ وڃي هتڪ عزت جي دعويٰ ڪن ٿا ڇو ته اتي گهٽ وقت ۾ فيصلو ٿي وڃي ٿو، پاڪستان ۾ ائين ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں