حڪومت پاران چونڊن جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪا گائيڊ لائين ناهي ڏني وئي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي

image

اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت پاران چونڊن جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪا گائيڊ لائين ناهي ڏني وئي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون، فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي، سيڪيورٽي سنجيده مسئلو آهي، دهشتگردي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي نه آهي، پاڪستان ۾ مشڪل ۽ سخت ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، ووٽ وجهڻ حب الوطني جي گهرج آهي، پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل پارليامينٽ پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندا. ”پبلڪ نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اڃا تائين حل طلب آهي، 75 سال اڳ ڀارتي وزيراعظم پاڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ واعدو ڪيو هو ته ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏنو ويندو، اهي پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪندا. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کڻي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، ڀارتي آئين ۾ آرٽيڪل 370 کي ختم ڪري ڪشميرين جي حقن کي سلب ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. سيڪيورٽي جي صورتحال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي سنجيده معاملو آهي، ڪابل ۾ افغان طالبان جي عبوري حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ مختلف دهشتگرد گروهن جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو آهي، رڳو گذريل سال دهشتگردي جا اٽڪل 1500 واقعا ٿيا. هن چيو ته گذريل رات شب ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن ۾ پوليس جا جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته تازو ئي بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ 24 دهشتگردن کي ماريو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مشڪل ۽ سخت ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، 2007ع جون چونڊون بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪري اٽڪل هڪ مهينو التوا جو شڪار ٿيون، 2013ع جون چونڊون ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال ۾ ٿيون هيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي جنگ جاري آهي، دهشتگردي جي واقعن سان پاڪستان حڪومت، رياست ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽتائي ناهي آئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو بيان افسوسناڪ آهي، چونڊن ۾ اسان جو ڪو اميدوار نه آهي، چونڊن ۾ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، ڪنهن سياسي پارٽي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ڪنهن کي شڪايت جو موقعو نه ملي، جڏهن ته شڪايت ڪرڻ پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو حصو آهي، ملسم ليگ (ن) کي سنڌ ۾، پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ۽ مولانا فضل الرحمان کي خيبرپختونخواهه ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت آهي، ليول پليئنگ فيلڊ تي سياست ٿي رهي آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي جڏهن پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندي ۽ پنهنجي پسند جي پارٽين کي ووٽ ڏيندي ته نتيجا پاڻ ڳالهائيندا. هڪ سوال تي هن چيو ته 2024ع جي چونڊن جي لاءِ ووٽرز جو انگ گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، رڳو عورت ووٽرز جي انگ ۾ 20 لک جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته 2024ع جي چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ۽ منظور ٿيڻ جي شرح به گذريل چونڊن کان وڌيڪ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته مقامي، غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وزارت هڪ آن لائين هيلپ لائين قائم ڪئي آهي. هن چيو ته عوام پنهنجي ووٽ جو صحيح طريقي سان استعمال ڪري، ووٽ ڏيڻ حب الوطني جي گهرج آهي، جڏهن توهان ووٽ ڏيو ٿا ته توهان پنهنجو پاڻ کي محب وطن ثابت ڪريو ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياص آرائيون ڪيون ويون پر اسان مستقل مزاجي سان چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن جي موقعي تي حڪومت پاران موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪا گائيڊ لائين ناهي ڏني وئي، جيڪڏهن ڪنهن جڳهه تي امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ته اتان جي مقامي انتظاميا صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي صورتحال غيرمعمولي حل جي گهرج ڪري ٿي پر اڃا تائين اهڙي ڪا غيرمعمولي صورتحال موجود نه آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون، فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه ٿئي ٿي، پاڪستان حڪومت، ان جا لاڳاپيل ادارا ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪوڙين خبرن تي باقاعدگي سان وضاحت جاري ڪري ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي، جيڪا پارٽي جتي ڪامياب ٿيندي اتي پنهنجي حڪومت ٺاهيندي، قومي اسيمبلي جيئن ئي قائد ايوان چونڊيندي ۽ وزيراعظم پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو ته نگران حڪومت تحليل ٿي ويندي. هن چيو ته چونڊيل حڪومت کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين بابت هينڊ اوور نوٽ ڏئي وينداسين، پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل پارليامينٽ پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندا.

مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں