صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران سينيئر قانوندان سلمان اڪرم راجا جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيئر قانوندان سلمان اڪرم راجا جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته مون کي پنهنجي دوست سلمان اڪرم راجا جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو آهي، والدين جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ لمحو هوندو آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث
متعلقہ مضامین
مزید خبریں