نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

image

اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان بابت ڄاڻي تمام گهڻو ڏک ٿيو، پاڪستان ان ڪڌي فعل جي مذمت ۽ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جا جذبا ۽ دعائون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.

مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha
متعلقہ مضامین
مزید خبریں