ملڪ ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ شفاف چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون، 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون ٿينديون، اهو فيصلو عوام ڪندي ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو، آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا: مرتضيٰ سولنگي

image

ملتان – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ شفاف چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون، 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون ٿينديون، اهو فيصلو عوام ڪندي ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو، آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، بنيادي فيصلاسازي نگران حڪومتن جو ڪم نه آهي، اهو چونڊيل حڪومت ۽ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان کي جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين حڪومت کي منتقل ڪري وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ملتان سينٽر جي 24 ڪلاڪ علائقائي نشريات جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هن وقت چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون، انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون ٿينديون. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، ان عمل تائين پهچڻ جي لاءِ منهنجي خواهش آهي ته پي ٽي وي ملتان سينٽر هن خطي جي عوام جي حقيقي مسئلن ۽ انهن جي امنگن ۽ خواهشن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن جو آواز بڻجي. هن چيو ته هن علائقي جا معاشي ۽ ثقافتي مسئلا ڪيترائي ڏهاڪا پراڻا آهن، انهن جي حل لاءِ پي ٽي وي ملتان غيرجانبدار رهندي هن خطي جي سياسي پارٽين سميت مختلف ماڻهن جي راءِ کي پيش ڪندي. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊن ۾ اصل فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چونڊن ۾ عوام پنهنجي مرضي جو اظهار ڪندي ۽ فيصلو ڪندي ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خوراڪ جي تحفظ واري وزارت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي تحت زراعت جي لاءِ ڪجهه قدم کنيا پيا وڃن، زراعت صوبائي سبجيڪٽ آهي پر ان معاملي ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪم ڪنديون. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ٿين. هن چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا به آزاد آهي، عدليه به آزاد اهي، چونڊ عمل صحيح طريقي سان ٿيندو. هن چيو ته ايندڙ پارليامينٽ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ماضي جي حڪومتن تي تبصرو ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. اسان جو ڪم اهو آهي ته ملڪ جنهن حالت ۾ اسان کي مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وڃون. ان کان اڳ هن چيو ته ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي خطي جي ماڻهن جي لاءِ اها تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ کان پي ٽي وي ملتان سينٽر 24 ڪلاڪ نشريات شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملتان سينٽر تان ڪجهه پروگرام سڌوسنئون نشر ٿيندا ۽ ڪجهه رڪارڊيڊ هوندا. هن چيو ته هڪ هفتي ۾ اٽڪل 8 پروگرام حالات حاضره جا هوندا، ان کانسواءِ موسيقي، ادب، ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ پڻ خصوصي پروگرام پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته پي ٽي وي واحد براڊ ڪاسٽر آهي جنهن جي نشريات اينٽينا جي ذريعي به ڏسي سگهجي ٿي جڏهن ته ان جي نشريات ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي به موجود آهي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب خطي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان کان ٻاهر رهن ٿا، پي ٽي وي ملتان جي نشريات اٽڪل 50 ملڪن ۾ سڌوسنئون ڏسي سگهبي. هن چيو ته جڏهن هو ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو هو ان وقت اسان سرائيڪي ۾ خبرون نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، يوسف رضا گيلاني صاحب اهو پهريون شخص هو جنهن سرائيڪي زبان ۾ خبرن جو پهريون بليٽن پڙهيو، ان ۾ سندس تمام اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان وٽ 24 ڪلاڪ نشريات جي صلاحيت اچي چڪي آهي جيڪا نه رڳو خطي جي ثقافت، علم ۽ ادب ۽ زبان کي فروغ ڏيندي پر هتان جي عوام جي اصل مسئلن ۽ انهن جي معاشي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ جي لاءِ پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں