صدر پاران بئنڪ فراڊ کان متاثر شهري کي پئسا واپس ڪرڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ فراڊ کان متاثر شهري کي 344600 رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان حوالي سان هن بئنڪنگ محتسب جو حڪم برقرار رکندي الائيڊ بئنڪ جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته الائيڊ بئنڪ جي صارف جي اڪائونٽ مان 344602 رپيا دوکيبازي سان ڪڍيا ويا، بئنڪ صارف جي رضامندي کانسواءِ فنڊ منتقلي سهولت کولي بدانتظامي ڪئي وئي. صدر چيو ته بنا اجازت جي آن لائين فنڊ ٽرانسفر سهولت کولڻ جي ڪري صارف کي نقصان کڻڻو پيو. صدر بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف الائيڊ بئنڪ جي داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته بئنڪ قانوني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، بنا اجازت جي انٽرنيٽ بئنڪنگ چينل کولي بي ضابطي ۽ عدم تعميل ڪيو ويو. هن چيو ته شڪايت ڪندڙ کي بئنڪ هيلپ لائين سان ملندڙ جلندڙ نمبر تان فول ڪال آئي ۽ ڪال کانپوءِ اڪائونٽ مان 344602 رپين جي رقم منتقل ڪئي وئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صارف ماضي ۾ آن لائين چينلز جي ذريعي ڪابه ڏيتي ليتي ناهي ڪئي. تفصيل موجب امير علي وساڻ فراڊ جي فوري پوءِ شڪايت داخل ڪرائي جڏهن ته شڪايت حل نه ٿي جنهن تي صارف وڃايل رقم جي واپسي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. محتسب بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر بئنڪ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر ڪيس جي ذاتي طور تي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته بئنڪ ادائيگي جي نظام ۽ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر ايڪٽ 2007ع جي سيڪشن 41 موجب تڪراري ڏيتي ليتي جي قانوني حيثيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، رقم جي قسطن م منتقلي هڪ ئي تاريخ تي تمام گهٽ وقت ۾ هڪ ئي طرز تي ڪئي وئي. هن چيو ته رقم منتقلي تي بئنڪ سسٽم الرٽ ٿيڻ گهرجي ها، گهٽ ۾ گهٽ صارف کي ڪال وڃڻ گهرجي ها. صدر چيو ته ان ڳڻتي جوڳي ڳالهه تي بئنڪنگ ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، شهري ڊيجيٽل بئنڪنگ، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل بئنڪنگ مصنوعات کان واقف نه آهن. صدر چيو ته بئنڪ آن لائين چينلز جي حوالي سان قانونن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن جي تعميل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر بئنڪ جي اپيل رد ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن جي اندر بئنڪنگ محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں