اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) اي??ارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اي?? ايف سي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپري?? 2020ع کان 10 هون قومي مالياتي ڪميشن اي??ارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اي?? ايف سي اي??ارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وزير، پنجاب جو ناڻي وارو وزير، بلوچستان جو ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخواهه جو ناڻي وارو وزير ڪميشن جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آ??ن، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري اي?? ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.