اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، نيوٽريشن، مو??مياتي تبديلي ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبي ۾ چئلينجز درپيش آهن، محدود وسيلن ۾ رهندي عوام جي ڀلائي حڪومت جي ذميواري ه??ندي آهي، مو??صلاتي رابطن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ۾ اضافي سان صورتح??ل تبديل ٿي رهي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ??ڏيل ڪوششون گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ برطانيا مان آيل سائنسدانن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.