اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منشيات ۽ ٻارن تي جنسي تشدد تمام وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ اهو پاڪستان ج?? لاءِ شرمناڪ آهي، انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ اداري يا کاتي جو ڪ?? نه آهي پر والدين، استادن، عالمن سميت سڄي قوم کي گڏجي ان جي خلاف اٿڻو آهي ۽ پوري معاشري کي اه?? جنگ کٽڻي آهي. هو منشيات جي خاتم?? لاءِ زندگي ايپلي ڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.