اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خي??ر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ ده??تگردن سان مقابلو ڪندي ليفٽيننٽ ??رنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ??رنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان ده??تگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري ر??ند??سين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن ب?? ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.