ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علو?? چيو آهي ته عورت اسپورٽ?? کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، رانديون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، راندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر وومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر ع??رف علو?? چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين اسپورٽس تي خرچ ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر ع??رف علوي وڌيڪ چيو ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دل??سپ?? وڌندي، هن وقت پاڪستان جي 6 بائولرز جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو مل?? سگهي ٿو. بلوچستان جي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دل??سپ?? جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.