اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) اڏار پاڪستان منصوبي تحت ايندڙ پنجن سا??ن ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي 5 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 2025ع کان 2035ع تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو ڳاڻيٽو هڪ کرب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي 81 مهينن جي گهٽ ترين 4.1 سيڪڙو جي سطح تي آهي. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جون معاشي حالتون اڄ عالمي ادارن جي اميدن کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن، ڏيوالپڻي جي خطرن جي ور چڙهيل معيشت اڄ مستحڪم ترين معيشتن ۾ شامل آهي. مهانگائي 81 مهينن جي گهٽ ترين 4.1 سيڪڙو جي سطح تي آهي. ڊسمبر 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 29.7 سيڪڙو جي سطح تي هئي. مالي سا?? 25 جي پهرين 6 مهينن ۾ معيشت استحڪام سا?? مضبوطي جو سفر طئي ڪري چڪي آهي. مالي سا?? 25ع جي پهرين 5 مهينن ۾ پرڏيهي ملڪن مان موڪليل ناڻو 15 ارب ڊالر جي مثالي سطح تي آهن، مالي سا?? 25ع جي تڪميل تائين مٽاسٽا جو ناڻو 35 ارب ڊالرن جي سطح تائين پهچڻ جي اميد آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 22 سا??ن جي سڀ کان وڌيڪ مثبت سطح تي آهي، جيڪا پور دنيا جي بهترين ڪارڪردگي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سڄي دنيا ۾ ٻي ۽ ايشيا ۾ پهرين بهترين ڪارڪردگي واري اسٽاڪ ايڪسچينج آهي. سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي سفر ۾ 9 سيڪڙو جي تاريخي گهٽتائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان 13 سيڪڙو جي سطح تي آندو ويو. هلندڙ مالي سا?? پهرين ڇهه ماهي ۾ روانگي واپار 10.52 ۽ آمدني واپار ۾ 6.11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. هلندڙ مالي سا?? جي پهرين 6 مهينن ۾ روانگي واپار 10.52 سيڪڙو وڌيو جڏهن ته ڊسمبر 2024ع ۾ سا??ياني بنيادن تي 0.67 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سا?? جي پهرين 6 مهينن ۾ روانگي واپار 6.11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. اڏام پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ پنج ۽ ڊگهي مدي ۾ 2035ع تائين جا معاشي هدف مقرر ڪيا ويا آهن مثال طور ملڪي واڌ جي شرح ۾ ا??ندڙ پنج سا??ن ۾ 6 سيڪڙو اضافي جو هدف مقرر ڪيو آهي، ايندڙ 10 سا??ن ۾ يعني 2035ع تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي سائز هڪ ٽريلين ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. اڏام پاڪستان پروگرام جو مقصد ايڪسپورٽ يعني روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي جوڙڻ ، ٻيو ملڪن ۾ ڊجيٽل انقلاب آڻ??، ٽيون ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ آهي، چوٿون شعبو جنهن تي ڌيان ڏنو ويندو اهو انرجي ۽ انفرااسٽرڪچر جو آهي جڏهن ته پنجون ايڪويئٽي تي ٻڌل معاشري جي تعمير آهي. اڏام پاڪستان تحت سڀ کان پهرين روانگي واپار کي ايندڙ پنج سا??ن ۾ 60 ارب ڊالر سا??يانو تائين پهچائڻ آهي، اڏام پاڪستان تحت ايندڙ پنج سا??ن ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي پنج ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ سا??يانو 2 لک آءِ ٽي گريجوئيٽس تيار ڪيا ويندا. اڏام پاڪستان منصوبي ۾ ا??ندڙ پنجن سا??ن ۾ گرين هائوس گيسز ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پوکي جوڳي زمين ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ۾ 10 ملين ايڪڙن تائين جو اضافو ڪرڻ آهي، توانائي جي شعبي ۾ تجديد جوڳي توانائي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ آهي، اڏام پاڪستان جي دستاويزن موجب غربت جي شرح ۾ 13 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻ??ي آهي، اڏام پاڪستان منصوبي ۾ عوامي حصيداري لاءِ پبلڪ، پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وڏي پئماني تي ترقياتي منصوبا به ان پروگرام جو حصو آهن.