ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خادم پاڪستان جو حلف کڻندي ئي واعدو ڪيو هو ته جيستائين هر پاڪستاني کي مع??اري تعليم ۽ صحت جي سهولت تائين پهچ نه ملي وڃي سُک سان نه ويهندس، ڪلينيڪل پريڪٽس جي تحقي?? کانپوءِ ٺاهيل رهنما اصول پاڪستان جي صحت جي شعبي کي عالمي مع??ار سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا خان يونيورسٽي پاران پاڪستان جي صحت جي شعب?? جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل ڪتاب مينوئل آف ڪلينيڪل پريڪٽس گائيڊ لائينز جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، آغا خان فائونڊيشن ??و صدر سلطان علي الانه ۽ صحت جي شعبي مان عالمي ۽ مقامي ماهرن سان گڏوگڏ آغا خان يونيورسٽ?? جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو چيئرمين ذاڪر محمود ۽ ڊاڪٽر سلمان شهاب الدين، آغا خان يونيورسٽي جو صدر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آغا خان فائونڊيشن ??ون پاڪستان ۾ عوامي ڀلائ?? جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون آهن، آغا خان يونيورسٽي پاران پاڪستان جي ڏس ۾ لکيل رهنما اصولن جي ڪتاب پاڪستان جي صحت جي شعب?? جي سڌارن ۾ هڪ روشن ??اب جو اضافو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪلينيڪل پريڪٽس جي تحقي?? کانپوءِ ٺاهيل رهنما اصولڪ پاڪستان جي صحت جي شعبي کي عالمي مع??ار سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي لاڳو ??هنما اصولن ۽ پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڏس ۾ ٺاهيل اهي اصول حڪومت جي صحت جي شعب?? جي سڌارن جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وزيراعظم چيو ته آغا خان فائونڊيشن ??سلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ بنا ڪنهن معاوض?? جي ڪنسلٽينسي جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آه?? جيڪا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي خاص طور تي صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ آغا خان فائونديشن ??و ڪردار ساراهه جوڳو ??هي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هر شهري کي بنيادي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته خادم پنجاب جي دور ۾ اسان ملڪ ۾ پي ڪي ايل آءِ، برن سينٽرز ۽ ٻين موذي مرضن جي علاج جي لاءِ عالمي مع??ار جا ادارا ٺاهيا، سنڌ ۾ به ايس آءِ يو ٽي جهڙا بي شمار قابل قدر ادارا عوامي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته خادم پاڪستان جو حلف کڻندي ئي پنهنجي عوام سان واعدو ڪيو هو ته جيستائين هر پاڪستاني کي مع??اري تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ نه ملي وڃي سُک سان نه ويهندس، الله جي فضل ۽ ڪرم سان هر گذرندڙ ڏينهن اسان ان وچن جي تڪميل طرف تيزي سان گامزن آهيون. تقريب ۾ وزيراعظم آغا خان فائونڊيشن ??ي صدر سلطان علي الانه جا اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي لاءِ فائونڊيشن پاران ڪنسلٽينسي فراهم ڪرڻ تي خصوصي ٿورا پڻ ادا ڪيا. آغا خان يونيورسٽ?? جي صدر اڪٽر سلمان شهاب الدين وزيراعظم ۽ شرڪت ڪندڙن جو تقريب ۾ استقبال ڪيو ۽ آغا خان يونيورسٽ?? جي ملڪ ۾ طب جي شعبي ۾ خدمتن تي روشني وڌي. ان موقعي تي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي ڊين ۽ ڪلينيڪل مينوئل جي ايڊيٽر ان چيف ڊاڪٽر عادل حيدر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پوري خطي ۾ صحت جي شعب?? جي حوالي سان رهنما اصولن تي ٻڌل هي پهريون ڪتاب آه?? جيڪو پاڪستان ۾ جاري ڪيو ويو آهي، ان مينوئل تي عملدرآمد سان سڌوسنئون 2 ڪروڙ ماڻهو عالمي مع??ار جي نگهداشت مان فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته طبي آپريشنز دوران سڌي طرح ڏيڍ لک ماڻهن جون جانيون بهتر احتياطي تدبيرن ۽ پروسيجرز سان بچائي سگهبيون، ان کان اڳ پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به رهنما اصولن تي ٻڌل مينوئل موجود نه هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهي رهنما اصول پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته ان ۾ 140 کان وڌيڪ پروسيجرز اسپيشيئلٽيز تي تحقيق ڪري اصول جوڙيا ويا آهن، وڌيڪ اهو ته اهو مينوئل آن لائين ڪنهن به معاوضي کانسواءِ ملڪ جي سمورن ڊاڪٽرز کي ميسر آهي. بعد ۾ وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ۽ سڄي ملڪ سان تعلق رکندڙ طبي ماهرن تي ٻڌل صحت جي شعبي تي هڪ رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪئي. رائونڊ ٽيبل ۾ طبي ماهرن پاڪستان جي صحت جي شعب?? جي حوالي سان سڌارن ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي مع??اري صحت جي سهولتن تائين پهچ جي حوالي سان وزيراعظم کي تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ موذي مرضن کان بچاءُ جي لاءِ ويڪسينيشن ??ي دائري کي وسيع ڪرڻ، ٽيلي ميڊيسن جي سڄي ملڪ ۾ فروغ، صحت جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ، پاڪستان ۾ ميڊيڪل ۽ نرسنگ جي عالمي مع??ار جي تعليم ۽ نرسز جي انگ ۾ اضافي سان گڏوگڏ ٻيون تجويزون پڻ پيش ڪيون. وزيراعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت صحت جي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.