اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ??زيراعظم محمد شهباز شريف ا??وا??ِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر ۽ وزيراعظم ملڪي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايو. ا??وا??ِ صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق خان، گهرو وزير سيد محسن نقوي، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر سيد نويد قمر به شامل هئا. وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ۽ وزيراعظم ملاقات دوران ??ارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قانوني معاملن سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم ??ي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.