اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ??هي ته پاڪستان ۽ روس توانائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي تعاون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحي??ون ڪيون آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ??ه پاڪستان روس واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت بين الحڪومتي ڪميشن جو نائون اجلاس 2 کان 4 ڊسمبر تائين ماسڪو ۾ ٿيو. هن چيو ??ه آءِ جي سي جي گڏيل صدارت توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ روس جي توانائي واري وزير سرگئي تسويليف ڪئي. ترجمان چيو ??ه ٻنهي ڌرين ٻطرفي سياسي ڳالهه ٻو??هه جي تعميري نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ??نهن ۾ اعليٰ سطح تي رابطن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي اندر نتيجاخيز تعاون پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ??ه ڌرين ڳالهه ٻو??هه ۾ اقتصادي، واپاري، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فضائي رابطن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.