اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پذيرائي ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي ??عن?? جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم خارجي سرغنه سميت چار خاجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ ٽن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ??عن?? جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.