اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خو??رج جي افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽ?? خو??رج جهنم واصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت تي مق??ر پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ساراهه جي لائق آهن.