اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چ??و آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ??وششون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلياما??ي ڊولپمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چ??و ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ ??فيسرن ۽ اهلڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪورس مان پبلڪ پاليسي ۽ قان??ن سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪورس ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين انداز سان وقف ڪندا. نيشنل پارلياما??ي ڊولپمينٽ ڪورس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قان??ن ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا گريڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.