اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ منعقد ??يل نمائش فوڊ ??ي جي مينوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 5 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق 3 ڏينهن واري نمائش لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ فوڊ ??پلاءِ چين سالوشن، فوڊ پروسيسنگ، فوڊ ??ٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، ايگري ٽيڪ، فوڊ ??يفٽي اينڊ ڪوالٽي، ليبلنگ ۽ سپلاءِ جي او??ارن، ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.