واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اسلامي واپاري مالياتي ڪارپوريشن ( آئي ٽي ايف سي ) جي وفد جي سي اي او انجنيئر هاني س??لم سنبول جي قيادت ۾ ملاقات ??ئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي . ناڻي واري وزير پاران جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير ايندڙ ٽن سالن ۾ فريم ورڪ معاهدي تحت 3 ارب ??مريڪي ڊالرن جي ڪموڊٽي فنانسنگ بشمول 269 ملين آمريڪي ڊالرن جي سڌي ريت ۽ سينڊيڪيشن ذريعي فنانسنگ فراهم ڪرڻ تي ??ئي ٽي ايف سي جي حمايت جي واکاڻ ڪئي. ناڻي واري وزير ان سلسلي ۾ حڪومت جي مڪمل حمايت جو يقين پڻ ڏياريو.