اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان س??دس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ ساڻس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڀاءُ جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسحاق ڊار جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو ??ظه??ر ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ صدر سان گڏ هئا. صدر مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.