اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اداراجات?? سڌارا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي ادارن کي ضم ۽ تحليل ڪرڻ سان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ ملازمن جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جڏهن ته مختلف وزارتن جي 82 سرڪاري ??دارن کي ضم ۽ تحليل ڪري 40 اهڙن ادارن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جن ۾ ڊيجيٽائيزيشن، سمارٽ مئنيجمينٽ، ايفيشينٽ گورننس، منصوبن تي شفاف ۽ تيز عملدرآمد ۽ عام ماڻهو کي سهولتن جي بهتر فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ دهشتگردن جي معصوم شهرين تي بزدلاڻي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. ڪابينا انهن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي افيسرن ۽ اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. ڪابينا انهن واقعن ۾ ملوث دهشتگردن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري ??نهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جي ايندڙ ربيع جي فصل جي لاءِ يوريا ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڪيل فيصلن کي ساراهيو. ايندڙ ربيع جي فصل جي لاءِ يوريا ڀاڻ جي ڪارخانن کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي سان يوريا جي درآمد کي روڪي قومي خزاني کي 130 ملين ڊالر جي بچت وئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي وسيع مفاد ۾ سمورن وزيرن ۽ ادارن کي جتان به ممڪن ٿئي قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ اهڙا بهتر فيصلا ڪرڻ گهرجن. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارشن تي پاڪ ??ي ڊبليو ڊي جي تحليل، اسٽاف ۽ جاري منصوبن جي ٻين وزارتن ۽ ادارن ۾ منتقلي جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ??ي ڊبليو ڊي تحت جاري ??رقياتي ۽ سرڪاري ??عبي جي ترقياتي پروگرام جي منصوبن تي بنا رڪاوٽ ڪم جاري ??کڻ ??ي لاءِ ۽ ضروري مينٽيننس اسٽاف ۽ انڪوائريز کي لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ گورننس جي بهتري ۽ اداراجات?? سڌارن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ سمارٽ مئنيجمينٽ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. وفاقي ڪابينا کي ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ قائم اداراجات?? سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جون تجويزون پيش ڪيون ويون. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، افرادي قوت جي صحيح استعمال، پاليسي سازي ۽ فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ غيرضروري ??عطل کي ختم ڪرڻ ۽ رڳو انتهائي ضروري ??دارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ 6 وزارتن تي ڪميٽي جي سفارشن کي لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ انهن وزارتن جي 82 سرڪاري ??دارن کي ضم ۽ تحليل ڪري 40 اهڙن ادارن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جن ۾ ڊيجيٽائيزيشن، سمارٽ مئنيجمينٽ، ايفيشينٽ گورننس، منصوبن تي شفاف ۽ تيز عملدرآمد ۽ عام ماڻهو کي سهولتن جي بهتر فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وفاقي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي ادارن کي ضم ۽ تحليل ڪرڻ سان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ ملازمن جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم جي حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ويزن ۽ هدايتن تحت جاري ڪفايت شعاري مهم تي اڳڀرائي ۽ قدم لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪابينا پاران منظور ٿيل ڪفايت شعاري مهم جي قدمن کي جاري ??کڻ ??ي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن قدمن ۾ ڪابينا ميمبرن جي رضاڪاراڻي طور تي پگهار نه وٺڻ، انتهائي ضروري گاڏين مثال طور ايمبولينسز کانسواءِ سرڪاري گاڏين جي خريداري ??ي پابندي، نئين اوزارن ۽ مشينري ??ي خريداري ??ي پابندي، نئين سرڪاري ??اين جي تخليق، سرڪاري ??رچ تي غيرضروري ٻاهرئين ملڪ سفر ۽ ٻاهرئين ملڪ علاج تي پابندي شامل آهي. هن چيو ته ملڪ ان ڳالهه کي برداشت نه ٿو ڪري ??گهي ته آفيسرشاهي ۽ اشرافيه غريب عو??م جي ٽيڪس تي عيش ڪن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين ان غريب عو??م جي هڪ هڪ پئسي جي جيستائين ممڪن ٿي سگهيو حفاظت ڪندس، وزير ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن ۾ ڪفايت شعاري مهم جي قدمن تي ڀرپور عملدرآمد جاري ??هي. وزيراعظم چيو ته ڪفايت شعاري مهم جي قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.