اسلام ??باد-19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستا?? ۾ ??يم پاڪس جي ڪيسز جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي، سمورن هوائي اڏن ۽ گذرگاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي، پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام ??باد عالمي هوائي اڏي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق مختار احمد ڀرٿ ايم پاڪس جي انتظامن جي نگراني هو پاڻ ڪري رهيو آه??. ه?? گذريل ڏينهن اسلام ??باد ايئرپورٽ تي منڪي پاڪس جي نگراني جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ تي بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته سمورن هوائي اڏن ۽ گذر گاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي. انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشنز جي س??ارشن تي عمل کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستا?? ۾ ??يم پاڪس جي صورتحال تسلي جوڳي آهي، اڳواٽ قدمن جي ڀرپور نگراني ڪئي پئي وڃ??. ه?? چيو ته اسلام ??باد ۾ پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت صورتحال تي گهري نظر رکي آهي. وفاق ۽ صوبا گڏجي س??ورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته وبائن ۽ بيمارين کان عوام کي محفوظ رکڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.