اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) ??زي????عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي، اسڪولن جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي، اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي وحشيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. ??زي????عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ??زي????عظ?? محمد شهباز شريف غزه فلسطين جي اسڪول تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. ??زي????عظ?? حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن ??ي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندا?? سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. ??زي????عظ?? چيو ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي. اسڪول جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي. اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ورجايون ٿا ته فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن تي اسرائيلي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. اسرائيل کي سندس ظالماڻين ڪارروائين جي سخت سزا ڏني وڃي. اسرائيل خلاف عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. ??زي????عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان هر محاذ تي پنهنجي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.