اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وز??راعظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، 37 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ?? عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک فلسطيني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع ک??ن اڳ وارين سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، اتي اسپتالن تي بمباري جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃي، جيڪو هڪ وڏو ??لم??و آهي، جنهن تي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ واضح موقف پيش ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.