شينزن -04 جون (اي پي پي) پاڪستاني وفد بزنس ٽو بزنس اجلاس لاءِ چين جي شهر شينزن پهچي ويو، 79 پاڪستاني ڪمپينن جا نمائندا چين جي ڪمپنين جي اڳواڻن س??ن ملاقات ڪندا. پلاننگ ڪميشن جي ترجم??ن مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف به پنهنجي چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن ۾ جديد آءِ ٽي ڪمپنين جي عهديدارن س??ن ملاقات ڪندو. ??ن موقعي تي فضل اسٽيل جي الياس عزيز ملڪ چيو ته اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا جيڪا پاڪستان ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي. ??ن مقصد لاءِ مان چين آيو آهيان. چيني به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا کين هڪ بهترين شراڪتدار جي ضرورت آهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته چيني وڌ ۾ وڌ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿئ??. سوگو گروپ آف ڪمپنيز جي عبدالخليق جعفراڻي چيو ته چين جي ترقي اسان آڏو آهي. منهنجي ڏاڏي 1950ع جي ڏهاڪي کان اڳ چين ۾ ڪاروبار شروع ڪيو هو اڄ اتي چوٿون نسل ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي س??ن ملڪ ترقي ڪندو. پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو آهي. سولر پينل ۽ ان??رٽر تيار ڪرڻ جي ??عب?? ۾ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان اندر مينيوفيڪچرنگ ٿيندي ته ??ن مان وڌيڪ فائدو کڻي سگهبو. موجوده حڪومت جي قدمن عيوض ملڪي ترقي ڪندو، پاڪستان ۾ صنعتون لڳڻ س??ن ملڪ کي ئي فائدو پهچندو. فوٽون برينز جي فيضان فيض چيو ته حڪومت ڪاروباري شخصيتن کي سهولتون ڏئي رهي آهي. پهريان واري شخصيتن کي پنهنجا گراهڪ پاڻ ڳولڻا پوندا هئا. حڪومت طرفان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻين ۾ سهولتن جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي، اس??ن ملڪ ۾ چين جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ پراميد آهيون.