اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران جي صدر ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوال?? سان خدمتن تي ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ابراهيم رئيسي وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پا??ست??ن مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان شديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پا??ست??ني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهي. ان حوال?? سان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پا??ست??ن ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پا??ست??ن ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جو پا??ست??ن جو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوال?? سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پا??ست??ن جي دوري دوران پا??ست??ني عوام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا و??ند??. ڪابينا پا??ان منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي جي پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انهن ج?? ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.