بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائ?? تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ۽ ترقيات?? تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ج?? پختي عزم جو اظهار ڪندي تنظيم جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل ذميواري تحت پاڻ ۾ موثر تعاون ڪن ۽ خطي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻين. هن اها ڳالهه شنگهائ?? تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ سان بيجنگ ۾ ملاقات ۾ چئي. هن شنگهائ?? تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ تنظيم جي بنيادي اصولن تي پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏ??هي آفيس موجب هن شنگهائ?? تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ۽ ترقيات?? تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ج?? پختي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير شنگهائ?? تعاون تنظيم جي خطي ۾ اهميت کي تسليم ڪندي تنظيم جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل ذميواري تحت پاڻ ۾ موثر تعاون ڪن ۽ خطي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ شنگهائ?? تعاون تنظيم جي گڏيل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ شنگهائ?? تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئرمين طور پاڪستان جي قدمن ۽ ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير زانگ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ تي پاڪستان حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ پا??ان تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي حيثيت سان پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.