اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سا?? ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ د??اعي تعاون سا?? لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پا??ست??ن ترڪيه سا?? پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پا??ست??ن جي حمايت ڪئي. صدر پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سا?? زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پا??ست??ن جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پا??ست??ن سا?? دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فر??غ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ د??اعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.