اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته چونڊن جي پرامن منعقد ٿيڻ جهڙي اهم ترين ق??مي فرض ۽ آئيني ذميواري جي تڪميل ۾ ڪميشن جي سرخرو ٿيڻ تي الله پاڪ ج?? شڪر گذار آهيان. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستاني عوام ۽ سمورن ادارن سميت ق??مي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، سياسي پارٽين، سيڪيورٽي ادارن، پوليس ۽ سول ايڊمنسٽريشن، پاڪستان آرمي، ق??مي ميڊيا، ووٽرز، رٽرننگ آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٻي پولنگ عملي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ساٿين ۽ پنهنجي ٽيم جو به ش??ريو ادا ڪيو جن جي ڏينهن رات جي محنت سان ان عظيم ذميواري جي تڪميل ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هن چيو ته اڃان اسان پنهنجي ذميواري جو هڪ حصو مڪمل ڪيو آهي، پولنگ جي عمل جي تڪميل ٿي آهي ۽ هاڻي غير حتمي نتيجن جي تياري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مون کي اميد ۽ اعتماد آهي ته اسان جا رٽرننگ آفيسر ان اهم ڪم جي تڪميل ۾ انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪندا ۽ نتيجن جي وقت سر تربيت ۽ فراهمي کي ممڪن بڻائيندا.