ڪراچي-08فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سوشل سيڪيورٽي جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نگران وزير محمد احمد شاهه ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ ??هش??گردي جي واقعن سبب موبائل سروس بند ڪئي وئي آهي ته جيئن ان قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته موبائل سروس بند ڪرڻ جو ف??صلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آهي ۽ اهو ف??صلو ??هش??گردي جي واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صورتحال قابو ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ويندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سروس بند رهندي.ڪراچي ۾ بيلٽ پيپرز ريڪور ڪرايا ويا آهن.پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.هن چيو ته نگران حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته امن امان سان گڏ اڄوڪي ڏينهن جي پڄاڻي ٿئي.صوبي ۾ ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي. سمورن ڊي آر اوز کان معلوم ڪيو ويو آهي ته انهن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ته نه آهي. انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ف??صلو صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته يقيناً ڪو خطرو ضرور هوندو جنهن جي ڪري اهو ف??صلو ڪيو ويو آهي.