اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو، چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينج?? به وڏا هوندا، نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر تر??ما??ي ڪئي، نيوز ليٽر جاري ڪر?? تي پي ٽي وي جي ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي نيوز ليٽر جاري ڪر?? واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ نشرياتي اداري پاران نيوز ليٽر جاري ڪر?? ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته مون صحافت جي شروعات پرنٽ رپورٽنگ سان ڪئي هئي، دي نيوز اخبار جي لانچنگ ٽيم جو حصو هئس جنهن جي پهرين اخبار 11 فيبروري 1991ع تي شايع ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. جهڙي طريقي سان اسان ڊيجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان جا چئلينج?? به ايترا ئي وڏا آهن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪلوننگ جهڙا وڏا چئلينجز موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي وي کي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڊيجيٽل پراڊڪٽس جو مقابلو ڪر??و پوندو. هن چيو ته نگران دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن غيرجانبدار قومي نشرياتي اداري طور تي ڪم ڪيو، پي ٽي وي ڪنهن خاص پارٽي?? ڪنهن خاص سياسي نظريي ۽ ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ڪا مهم نه هلائي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چونڊن ۾ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي، ان فيصلي جي تڪميل جي لاءِ جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جيئن ئي سرڪاري نتيجا جاري ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينج?? به وڏا هوندا. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جو بنيادي مقصد تبديل نه ٿيندو، پي ٽي وي عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي ٿي، پي ٽي وي عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر تر??ما??ي ڪئي آهي، پي ٽي وي کي پنهنجو اهو مشن جاري رکڻو آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ملتان ٽيليويزن سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات شروع ٿي، بلوچستان ۾ پي ٽي وي بولان تي بلوچي ۽ براهوي زبانن سان گڏوگڏ هزارگي زبان ۾ پڻ پروگرام شروع ڪرايا. هن چيو ته پي ٽي وي جتي رياست جي تر??ما?? آهي اتي عوام ۽ عوامي مفاد جي پڻ تر??ما?? آهي، اداري جو سٺو مستقبل سٺي ڪارڪردگي سان واڳيل آهي، بهتر ڪارڪردگي، بهترين ٽي وي اسڪرين، بهترين پروگرام ئي عوام جي اعتماد جو سبب بڻجندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير نيوز ليٽر جاري ڪر?? تي اطلاعات واري سيڪريٽري، ايم ڊي پي ٽي وي، پي ٽي وي انتظاميا ۽ ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.