برسلز – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي برسلز جي دوري دوران رائل انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل ريليشنز ۾ مختلف عا??مي ۽ يورپي ادارن جي اهم اسڪالرز ۽ ناليوارن تعليمي ماهرن ??ي خطاب ??يو. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن کي هڪ پرامن ۽ خوشحال خطي جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪيو جنهن ۾ اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جو حل، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ اس??حڪ??م جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۽ خطي ۾ جاگرافيائي سياسي مقابلي ۽ ٽڪراءُ بلاڪ اسٽرڪچر ۽ اتحاد کان پاسو ڪرڻ شامل آهي.