اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سا?? جعلي هدايتنامو ڦهلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف ا??يڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسان چونڊن جي ويجهو وڃي رهيا آهيون، اهڙي طرح جا حربا وڌي رهيا آهن، اڄ نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سا?? هڪ جعلي هدايتنامو ٺاهيو ويو ۽ ان کي ڦهلايو ويو، هاڻي چيف ا??يڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پڌرائي پڻ شيئر ڪئي ج??هن ۾ چيو ويو آهي ته چيف ا??يڪشن ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سا?? جعلي واٽس ايپ اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته اها چيف ا??يڪشن ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سا?? ٺاهيل ا??هن جعلي واٽس ايپ اڪائونٽس ۽ ا??هن جي ذريعي ڦهلايل جعلي پيغامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کان هوشيار رهندي ان کي نظرانداز ڪ??ي.