اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته شهرن جي مسئلن جي حل ۾ شهرين جو ڪردار اڻٽر آهي، مقامي حڪومتون سڄي ملڪ ۾ مقامي سطح تي تبديلي جون اصل محرڪ آهن، قانون تحت هر صوبي ۾ مقامي حڪومتن جو قيام لازمي آهي، مقامي حڪومتن کانسواءِ هيٺئين سطح تي مسئلن جو حل ممڪن نه آهي. اها ڳالهه هن سوڪ هيڪاٿون بابت ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ”مسئلن جي سڃاڻپ“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪانفرنس ملڪ جي اهم ترين شهري مسئلن جي گڏيل طور تي نشاندهي جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن ۽ سول سوسائٽي کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو بنيادي مقصد انهن مسئلن جي لاءِ ڊيجيٽل حل تيار ڪرڻ جي ڪوشش آهي.اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ جدت رکندڙ مقامي حل تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. جيتوڻيڪ سرڪاري شعبي پاران اڪثر مسئلن جي سڃاڻپ اڪيلي ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته مو?? کي يقين آهي ته مسئلن جي حل بابت اها ڪانفرنس ۽ بعد ۾ سوڪ هيڪاٿون جو انعقاد وڌيڪ پائيدار نتيجا فراهم ڪندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت وسيلن جي موثر ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ثبوتن تي ٻڌل فيصلاسازي جي ڪلچر جي وڌندڙ ضرورت کي تسليم ڪري ٿي. مو?? کي يقين آهي ته آخر ۾ اهو عمل عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ، ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ ۽ مقامي حڪومت?? کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته مقامي حڪومتون نه رڳو اهڙي طرح جي ڊيجيٽل حل جون محافظ آهن پر سڄي ملڪ ۾ مقامي سطح تي تبديلي جون اصل محرڪ به آهن. هن چيو ته مقامي حڪومتن کانسواءِ جمهوريت ممڪن نه آهي، اهي سمورا ملڪ جيڪي ترقي جي بلندين تائين پهتا انهن مقامي حڪومت?? کي بااختيار بڻايو. هن چيو ته مقامي حڪومت?? کي بااختيار بڻائڻ اسان جي سياسي تاريخ ۾ وڏن مسئلن مان هڪ رهيو آهي. هن چيو ته اسان 18 هين ترميم دوران آرٽيڪل 140 ۾ ترميم ڪئي ۽ ذيلي آرٽيڪل 148 شامل ڪيو جنهن موجب هر صوبو مقامي حڪومت جو نظا?? قائم ڪندو ۽ سياسي، انتظامي، مالي ذميواري ۽ اختيار مقامي حڪومتن جي چونڊيل نمائند?? کي ڏيندو. ان جي لاءِ ڪيترن ئي سياسي مبصرن ۽ ڪجهه پارٽين مطالبو شروع ڪري ڇڏيو آهي ته صوبائي حڪومتن تي مقامي حڪومتي قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي، جيڪو آئين جي ان آرٽيڪل سان هم آهنگ هجي. هن چيو ته اسا?? کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ اسان جو هدف ڪير آهي ۽ اسان ان ڊيجيٽل مشق سان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز جي شريڪ ٿيندڙن، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي لوڪل گورنمينٽ آفيسرن، تعليمي ادارن ۽ مقامي حڪومتن جي شعبي جي ماهرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته مسئلن جي گڏيل سڃاڻپ جي لاءِ اجتماعي ذهن سازي پاڪس??ان ۾ مقامي حڪومتن ۾ ڊيجيٽل تبديلي کي مضبوط بڻائڻ جي قابل بڻائيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه جرمني خاص طور تي Deutsche Gesellschaft für Internationale Zusammenarbeit (GIZ) GmbH جيڪا پاڪس??ان ۾ 1961ع کان ڪم ڪري رهي آهي، ان قدم کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ مختلف صوبن ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪيون. هن چيو ته جمهوريه جرمني وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندڙ 12 جدا جدا منصوبن جي ذريعي پاڪس??ان حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي جن ۾ مقامي حڪومتن، موسمياتي تبديلي، توانائي جي منتقلي، سماجي تحفظ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت جا شعبا شامل آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2 ارب رپين جو پهريون پاڪس??ان اسٽارٽ اپ فنڊ باضابطا طور شروع ڪيو آهي. پاڪس??ان حڪومت کي اميد آهي ته اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ارب رپيا ساليانو حاصل ٿيندا. هن چيو ته پاڪس??ان 8 نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز (NICs) جو نيٽ ورڪ رکندڙ آهي جيڪو اسٽارٽ اپس کي سپورٽ ڪري ٿو جنهن ۾ هن وقت ملڪ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس فعال آهن. هن چيو ته پاڪستاني اسٽارٽ اپس 2023ع ۾ 70 ملين ڊالرز کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته هن ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس سان ماڻه?? کي مقامي سطح تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل حل ڳولڻ ۾ مدد ملندي.