ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو ا??هار ڪيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج (پي ??ين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم پڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شا??رد?? سميت مجموعي طور تي 368 گريجوئيٽس کي بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شا??رد?? کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ڪندڙ صنعت کي معياري انجنيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پي ??ين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڏس ۾ پي ??ين اي سي جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان اميد جو ا??هار ڪيو ته نسٽ پي ??ين اي سي ملڪ جي موجوده انجنيئرنگ جي ضرورتن کي پورو ڪندي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو ا??ارو هجڻ جو ا??زاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿيندڙ شا??رد?? ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿيندڙ شا??رد?? کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بدلجندڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شا??رد?? پاران ڊگرين جي تڪميل کي شا??رد?? جي لاءِ علم جا دروازا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي ??ين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي ??ين اي سي پنهنجي شا??رد?? کي ڪيترن ئي شعبن ۾ انجنيئرنگ جي بهترين تعل??م فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اداري مان فارغ ٿيندڙ شا??رد?? جي قومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجا??ر ڪندي نوجوان انجنيئرز کي تيار ڪرڻ جي لاءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪيل موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿيندڙ شا??رد?? جي والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.