اسلام آباد – 25 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي م??م جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون، زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي م??تقلي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، بلوچستان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي م??م جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي چوري روڪڻ جي م??م جي اڳڀرائي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير، توانائي وار?? نگران وزير، اطلاعات ۽ نشريات وار?? نگران وزير، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز موجود هئا. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي م??م جي شروعات کان وٺي هيستائين جي نتيجن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي م??م جي نتيجن جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم ۾ 19415 بجلي چورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سيپٽمبر کان هيستائين بجلي چوري جي خلاف 39836 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ بجلي چوري ۾ ملوث 189 سرڪاري آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.مردان ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي م??م سڀ کان وڌيڪ ڪامياب رهي جنهن ۾ بجلي چوري جي شرح 43 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تائين اچي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم جي شروعات کان 30 سيپٽمبر تائين 14 ارب رپين جون وصوليون ڪيون ويون آهن. لاڳاپيل عملدارن مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان پڻ نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري روڪڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي م??تقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي م??م جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي م??م جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون.