ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين سان لاڳاپا پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن، سنڪيانگ ۽ پاڪس??ان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ارومچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جي مرڪزي ميمبر ۽ سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي سيڪريٽري مازنگروئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? چين سان دوستي جي حوالي سان پاڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??گر??ن وزيراعظم چيو ته چين سان لاڳاپا پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ??گر??ن وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط ذاتي عزم کي ساراهيو. پاڪس??ان جي لاءِ سنڪيانگ جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هي خطو پاڪس??ان سان جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي جي ڪري هڪ خاص اهميت رکي ٿو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪس??ان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سنڪيانگ جو دورو ڪرڻ تي ??گر??ن وزيراعظم جا ٿورا م??يندي پارٽي جي سيڪريٽري مازنگروئ?? چيو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪس??ان ۽ سنڪيانگ لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن سنڪيانگ پاران پاڪس??ان ۾ ڪاروبار ۽ واپار جا موقعا ڳولڻ ۽ خنجراب – سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين سنڪيانگ ۽ پاڪس??ان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.