لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون، مستقل پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي، ريڊيو پ??ڪستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پ??ڪستان جي نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ال??ڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ ال??ڪشن جي تاريخ ڏني آهي 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست ??ايع ڪئي ويندي، حب تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته ال??ڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو ڇو ??ه جيستائين تڪبنديون مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏيڻ جو ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته ال??ڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آهي ته ال??ڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي ال??ڪشن مهم جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا جيڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آهي ??ه جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿي وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آهي جيڪو پيشيواراڻي طريقي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ريڊيو پ??ڪستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدود آهن، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آهي. هن چيو ??ه جڏهن ريڊيو پ??ڪستان ڊيجيٽل ب??اڊ ڪاسٽنگ سان ڳنڍجي ويندو ته ان نظام سان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته اميد آهي ته چونڊيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ريڊيو پ??ڪستان کي ڪجهه مالي مسئلا درپيش آهن، 90ع جي ڏهاڪي تائين ريڊيو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسواءِ ڪو آمدني جو ذريعو نه آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو لائيسنس فيس جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اسان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ريڊيو پ??ڪستان کي درپيش مالي مسئلن جي حل لاءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي. هن چيو ??ه جڏهن هو ريڊيو پ??ڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان وقت ريڊيو پ??ڪستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب سائيٽس جاري ڪيون، ريڊيو پ??ڪستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پاڻ ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجود آهن. هن چيو ته ريڊيو پ??ڪستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آهن، ريڊيو پ??ڪستان جي پهرين ڊي ايس اين جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت ريڊيو پ??ڪستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.