اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ملاقات ڪئ??. و??يراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ معدنيات جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي قدمن تي تف??يلي بريفنگ ??ني وئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ بجلي چورن جي خلاف آپريشن تي پڻ تف??يلي بريفنگ ??ني وئي. نگران وزيراعظم بجلي چورن جي خلاف آپريشن تي توانائي واري وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قدمن کي ساراهيو.