اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خسا??ي جو شڪار قومي ملڪيتي ادارن جي فوري نجڪاري ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد نگران وزيراعظم کي خسا??ي جي شڪار قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪا??ي جي عمل تي ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم خسا??ي جي شڪار قومي ملڪيتي ادارن (ايس ا?? ايز) جي نجڪا??ي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خسا??ي جي شڪار ادارن (ايس ا?? ايز) جي فوري نجڪاري ضروري آهي، ان ڳالهه ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.