نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ ??هر??ي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئل?? کي ٻيهر نه ورجائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، وبائي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ ويڪسينز جي دستيابي هر هڪ جي لاءِ ممڪن بڻائڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي وبائي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل جي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، انه?? کي لاڪ ڊائو?? کي منهن ڏيڻو پيو?? عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خوش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٺاهڻ سان دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، ويڪسين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون آئي، ??ريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان ويڪسين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ ??هر??ي. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ماضي جون اهي خاميون نه ٿيڻ ??هر??ن، سائنسي دريافتن تائين پهچ زندگيون بچائڻ جي لاءِ لازمي آهي، ???? کي دنيا جي ڀلائي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ??هر??ي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ ويڪسين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ ??هر??ي، ??حت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ ??هر??ن، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، ??حت جون دوائون بنا فرق تياري، پهچ ۽ اسرندڙ ملڪ?? کي ٽيڪنالاجي جي پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وڃي، ??ن جي لاءِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، ??المي برادري کي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تياري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميواري?? کي پورو ڪرڻ ??هر??ي ته جيئن مستقبل ۾ وبائي مرضن کان بچڻ جي لاءِ قدم?? کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.