??سل??م آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي معيار جي هوائي سفر جي فر??همي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صارفين کي عالمي معيار جي هوائي سفر جي فر??همي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري لازمي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فواد حسن فواد کي پنهنجي ٽيم ۾ شموليت تي ڀل??ڪار چئي ۽ نجڪاري واري وزارت جي نگراني هيٺ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي جلد کان جلد تڪميل تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي.