اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر ح??زه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر ح??زه عابد جي والدين ۽ گهرڀا??ين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تعزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قو?? شهيدن جا مقروض آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر ح??زه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.